بختيار بيگ

بختيار بيگ: هيءُ ترڪمان سردار هو، جيڪو دهليءَ جي بادشاهن جو مددگار هو، سال 998هه/1589ع ۾ ملتان ۽ بکر جي حڪومت، خان خانان کي ملي ته کيس سنڌ ۽ ٺٽي جي حڪومت هٿ ڪرڻ جو حڪم پهتو. انهيءَ مهم سر ڪرڻ ۾ سيد بهاءُ الدين بخاري، مير معصوم بکري، بختيار خان ۽ ٻيا، خان خانان سان گڏ روانا ڪيا ويا. خان خانان ٺٽي کان پوءِ جوڻ پرڳڻي ڏانهن هليو ويو. سيد بهاءُ الدين بخاري وري بختيار بيگ ۽ ٻين کي ساڻ ڪري سيوهڻ پهتو. بختيار بيگ جڏهن سيوهڻ پهتو ته، ’شهسوار‘ نالي پنهنجي نائب جاگيردار کي لاکاٽ جي پرڳڻي ۾ سميجن، انڙن جي تپي ڏانهن موڪليائين. هُو اتي وڃي کانئن زوريءَ ڍل اوڳاڙڻ لڳو. سندس زيادتين کان تنگ اچي هڪ ڏينهن سميجن وَجهه وٺي کيس قتل ڪري ڇڏيو. جيئن ئي اها خبر بختيار بيگ تائين پهتي ته، علي شاملو کي لشڪر ساڻ ڏيئي، سميجن ڏانهن روانو ڪيائين. ٻئي ڏينهن انهيءَ لشڪر سميجن انڙن تي ڪاهي، منجهانئن ڪيترن کي شهيد ڪرائي ڇڏيو. سندس قتلام کان تنگ اچي سميجن جا سردار؛ هرهڪ پريو، بودلو، محمود، فريد، جيئندو ۽ جوڌو، فوج علي وٽ ميڙ کڻي آيا، جنهن قتل ٿيل سنڌي جوڌن جون سسيون کارن ۾ ڀرائي، سندن سردارن سوڌو بختيار بيگ ڏانهن سيوهڻ ڏياري موڪليون. بختيار بيگ سندن نه ميڙ منٿ مڃي، نه داد ڪيو، بلڪ خود سردارن کي ڪاٺ ۾ هڻائي ڇڏيو. آخرڪار قاسم خان ارغون، جيڪو هن کان اڳ مرزا جاني بيگ جي زماني ۾ نصرپور جو حاڪم هو، تنهن چوويهن هزارن جي ضمانت ڏئي، سميجن جي جان آزاد ڪرائي. بختيار بيگ پنهنجا ماڻهو نصرپور موڪلي، قاسم خان ارغون کان ضمانت وارن ڏوڪڙن جي تقاضا ڪئي. پر سميجن ضمانت ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ۽ مرڳو لڏو پٽي وڃي ۽ نصرپور ۾، ديرو ڄمايائون. هنن ڪجهه ڏنڊ، ڏوڪڙن جي صورت ۾ ڀريو ۽ باقي رقم اُٺن، گهوڙن، ڍڳن ۽ گڏهن جي جِنس ۾ ڏيڻي ڪيائون. بختيار بيگ جي ماڻهن، جڏهن اها خبر بختيار بيگ کي ڏني، ته هن ڏنڊ جنسن جي صورت ۾ وٺڻ کان نابري واري ۽ درياهه اُڪري، وينجهري واري قلعي (موجوده تعلقي سڪرنڊ واري علائقي) ۾ وڃي مورچا ٻڌي ويهي رهيو. اُتان قاسم ارغون کي خط لکيائين ته ڪيئن به ڪري سميجن کان روڪڙ جي صورت ۾ ڏنڊ وٺي ڏياري موڪل، نه ته تنهنجي سِر جو خير نه هوندو! اُن سان گڏ اهو به چوائي موڪليائنس ته سميجا منهنجي رعيت آهن، توکي اهو نٿو سونهي ته تون انهن کي پاڻ وٽ ويهاري ڇڏين! قاسم خان کي، جڏهن خط پهتو ته، هُو حيلا بهانا ڪري لنوائڻ لڳو. بختيار بيگ لشڪر سميت نصرپور روانو ٿيو، جيئن ئي هُو نصرپور راڄڌانيءَ جي دنگئي ڳوٺ ”نگر“ پهتو ته، قاسم خان کي اچي ڊپ ورايو ۽ هڪدم باقي رهيل ڏنڊ جي رقم پنهنجي خزاني مان ڀري، معافي ورتائين. ان کان پوءِ پنهنجا ماڻهو مقرر ڪري حُڪم ڏئي ڇڏيائين ته، جتي به ڪو سميجو ڏسن ته کيس نصرپور مان ڪڍي، سيوهڻ ڏانهن ڌِڪي ڇڏين. اهڙيءَ ريت سميجن جي حمايت کان پنهنجا پاند آجا ڪرايائين.


لفظ بختيار بيگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0998.00.00  هجري

سال 998هه/1589ع ۾ ملتان ۽ بکر جي حڪومت ، خان خانان کي ملي ته کيس سنڌ ۽ ٺٽي جي حڪومت هٿ ڪرڻ جو حڪم پهتو . انهيءَ مهم سر ڪرڻ ۾ سيد بهاءُ الدين بخاري ، مير معصوم بکري ، بختيار خان ۽ ٻيا ، خان خانان سان گڏ روانا ڪيا ويا


1589.00.00  عيسوي

سال 998هه/1589ع ۾ ملتان ۽ بکر جي حڪومت ، خان خانان کي ملي ته کيس سنڌ ۽ ٺٽي جي حڪومت هٿ ڪرڻ جو حڪم پهتو . انهيءَ مهم سر ڪرڻ ۾ سيد بهاءُ الدين بخاري ، مير معصوم بکري ، بختيار خان ۽ ٻيا ، خان خانان سان گڏ روانا ڪيا ويا



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
خيار لهڙي
پدن شرما
الطاف سمو
شاهل محمد ڪلهوڙو
طاهره واسطي
بجار خان ڊومبڪي
علياڻي قائم خان
ج ع منگهاڻي
جادم مڱريو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون